Exodus 18:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهن. انهن کي گھرجي تہ منجھيل فيصلا هو تو وٽ آڻين ۽ سولا فيصلا پاڻ هلائين. ائين ڪرڻ سان تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.