Exodus 19:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گهاٽي ڪڪر ۾ ٿو اچان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن آءٌ تو سان ڳالهايان، تڏهن ماڻهو اهو ٻڌن، ۽ هميشہ تو تي اعتبار ڪندا رهن. ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند کي ٻڌايو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.