Exodus 21:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ ڪنهن حاملہ کي ايذاءُ رسائين، جنهن ڪري انهيءَ جو ٻار ڪري پوي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئيس، تہ انهي ماڻهوءَ تي ضرور ايترو ڏنڊ پوڻ گهرجي، جيترو انهيءَ زال جو مڙس مٿس رکي؛ ۽ هو قاضين جي ٺهرائڻ موجب اهو ڀري ڏئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ۽ ڪنهن پيٽ واريءَ عورت کي اهڙو ڌڪ هڻن جو کيس وقت کان اڳ ٻار پيدا ٿئي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئي، تہ ڌڪ هڻندڙ کي ايترو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوندو جيترو انهيءَ عورت جو مڙس مٿس رکي ۽ جج منظوري ڏين.