Exodus 22:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي کاٽ هڻندو ڏسي ماري، ۽ هو ڌڪ لڳڻ ڪري مري پوي، تہ انهي جي لاءِ مٿس خون جو ڏوهہ نہ رکيو وڃي؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن چورايل چوپايو مال هن وٽان جيئرو نڪري، پوءِ اهو ڏاند هجي، گڏهہ هجي يا رڍ هجي، تہ چور اهو ٻيڻو ڀري ڏئي. مطلب تہ چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي. پر جيڪڏهن وٽس ڪجھہ بہ ڪونہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي رات جو کاٽ هڻندي پڪڙي ۽ ڌڪ لڳڻ سان هو مري پوي، تہ انهيءَ جي خون جو ڏوهہ مٿس نہ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن سج اڀرڻ کان پوءِ کيس چوري ڪندي پڪڙي ۽ ماري وجھيس تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي.