Exodus 23:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏج ۽ منجهس پوک نہ ڪج؛ انهي لاءِ تہ تنهنجيءَ قوم جا غريب کائي ڍءُ ڪن: ۽ جيڪي باقي بچائين، سو جهنگ جا ڍور چرن. تون پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏيو ۽ منجھس پوک نہ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي قوم جا غريب پاڻمرادو ٿيل فصل کائي ڍءُ ڪن ۽ جيڪي باقي بچائين سو جھنگ جا جانور چرن. اوهين پنهنجي انگورن ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪريو.