Exodus 25:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“