Exodus 28:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تون انهن ٻنهي پهڻن تي وينجهر جي ڪم وانگر، اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪرج، جيئن منڊي اُڪربي آهي؛ ۽ اهي سون جي خانن ۾ جوڙج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون انهن ٻنهي پٿرن تي، جيئن جوهري منڊيءَ تي نقش اُڪريندو آهي تيئن يعقوب جي پٽن جا نالا اُڪرائج ۽ انهن ٻنهي پٿرن کي سون جي خانن ۾ جڙائي ڇڏج.