Exodus 28:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ تون اهي ٻئي پهڻ ايفود جي، ڪلهن وارين پٽين تي هڻج، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين، ۽ هارون انهن جا نالا يادگيريءَ جي لاءِ پنهنجن ٻنهي ڪلهن تي کڻي خداوند جي حضور ۾ وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون اهي ٻئي پٿر مذهبي فراڪ جي ڪلهن وارين پٽين تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن کي ياد رکڻ لاءِ لڳرائج. هارون انهن جا نالا مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ پنهنجي ٻنهي ڪلهن تي کڻندو.