Exodus 28:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هجن. جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن اهي نالا جيڪي ٻارهن قبيلن جا نالا هوندا، سي هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هجن.