Exodus 28:38 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اها هارون جي پيشانيءَ تي رهندي، ۽ بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن ۾ جيڪي پاڪ شيون آڻيندا، تن جا ڏوهہ هارون کڻندو؛ ۽ اها هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي حضور ۾ قبول پون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اها هارون جي پيشانيءَ تي هجي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن جي وسيلي وقف ڪندا، تن شين ۾ رهجي ويل خاميءَ جا ڏوهہ هارون کڻندو. اها تختي هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهيءَ لاءِ تہ اهي نذرانا مون خداوند جي حضور ۾ قبول پون.