Exodus 28:43 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، يا پاڪ مڪان ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجهو وڃن، تڏهن اهي سندن بت تي هجن، تہ متان اهي ڏوهاري ٺهرجن ۽ مري پون: اهو قانون هن جي لاءِ، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ تائين قائم رهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن بہ هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿين، يا انهيءَ جي اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قربان‌گاهہ جي ويجھو وڃن، تڏهن اهي سندن بدن تي هجن، تہ متان ائين نہ ٿئي جو هو ڏوهاري قرار ڏنا وڃن ۽ مري پون. اهو قانون هارون ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد لاءِ هميشہ تائين قائم رهندو.“