Exodus 33:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي، تيئن خداوند موسيٰ سان منهن سامهون ڳالهايو. پوءِ هو موٽي منزلگاهہ ۾ آيو، پر سندس خادم يشوع بن نون، جو هڪڙو جوان ماڻهو هو، سو انهي تنبوءَ مان نہ نڪتو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند موسيٰ سان روبرو ائين ڳالهائيندو هو جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي. پوءِ موسيٰ موٽي خيمي‌گاهہ ۾ ايندو هو. پر سندس خدمتگار يشوع ولد نون، جيڪو هڪڙو نوجوان ماڻهو هو سو انهيءَ تنبوءَ جي اندر ئي رهندو هو.