Exodus 33:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ موسيٰ تنبو کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙيو؛ ۽ انهي جو نالو جماعت وارو تنبو رکيائين. ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪو ماڻهو خداوند جو ڳولائو هو، سو انهي تنبوءَ ڏانهن ويندو هو، جو منزلگاهہ کان ٻاهر هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
موسيٰ تنبو کڻائي خيميگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙائيندو هو. انهيءَ تنبوءَ جو نالو ”خدا سان ملاقات وارو تنبو“ رکيو هئائين. جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ چاهيندو هو، سو خيميگاهہ کان ٻاهر انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو.