Exodus 34:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هن چيس تہ ڏس آءٌ عهد ٿو ڪريان، تہ آءٌ تنهنجي ساريءَ قوم جي اڳيان اهڙا عجيب ڪم ڪندس، جي ساريءَ زمين تي ڪنهن بہ قوم ۾ نہ ڪيا ويا آهن؛ ۽ جن ماڻهن ۾ تون رهين ٿو، سي سڀ خداوند جو ڪم ڏسندا؛ ڇالاءِ تہ جيڪي آءٌ توسان ڪندس، سو خوفناڪ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ پوري قوم سان هڪ عهد ٻڌندس ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم جي اڳيان اهڙا معجزا ڏيکاريندس، جيڪي سڄي دنيا ۾ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪڏهن ڪونہ ڪيا ويا آهن. اوهان جي واسطي جيڪي هيبتناڪ ڪم آءٌ خداوند ڪندس، سي اهي سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون جن ۾ اوهين رهو ٿا.