Exodus 34:29 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واريون ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان لٿو، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهائڻ جي ڪري سندس چهرو چمڪي رهيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
موسيٰ جڏهن اهي ٻئي عهد واريون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان هيٺ لٿو پئي، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪري سندس منهن چمڪي رهيو آهي.