Exodus 37:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن پاسن تي، ۽ سڱن تي هو؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن انهيءَ قربانگاهہ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جيڪو انهيءَ جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هو. انهيءَ قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ ٺاهيائين.