Exodus 4:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يتروءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجن ڀائرن وٽ وڃان، جي مصر ۾ آهن، ۽ وڃي ڏسان تہ اڃا جيئرا آهن يا نہ. تڏهن يتروءَ موسيٰ کي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“