Exodus 9:29 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن موسيٰ چيس تہ ”آءٌ شهر کان ٻاهر نڪرڻ شرط دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس. گجگوڙ بند ٿي ويندا ۽ ڳڙا وڌيڪ نہ وسندا، انهيءَ لاءِ تہ ان مان تو کي خبر پوي تہ سڄي ڌرتي خداوند جي ئي آهي.