Ezekiel 1:28 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقيايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.