Ezekiel 12:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي چئُہ، تہ خداوند خدا، يروشلم جي رهاڪن ۽ اسرائيل جي ملڪ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو پنهنجي ماني خبرداريءَ سان کائيندا، ۽ پنهنجو پاڻي حيرانيءَ سان پيئندا، انهي لاءِ تہ جيڪي منجهس آهي تنهن سڀ کان خالي ۽ ويران ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي تو سان گڏ هتي بابل ۾ جلاوطن آهن، تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ يروشلم جا اهي رهاڪو جيڪي اڃا تائين سندن ملڪ ۾ رهن ٿا، تن بابت آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هو خوف ۽ دهشت ۾ کائيندا پيئندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ملڪ پنهنجي رهاڪن جي ظلم جي بدلي لٽجي ڦرجي خالي ٿي ويندو.