Ezekiel 12:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تون هنن جي اکين آڏو ڏينهن جي وقت پنهنجو سامان ٻاهر ڪڍي آڻ، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي: ۽ شام جي وقت تون پاڻ هنن جي ڏسندي نڪري وڃ، جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو نڪرندا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي اکين اڳيان پنهنجو سامان ڪڍي ٻڌ، جيئن جلاوطنيءَ جو سامان ڪڍي ٻڌبو آهي. پوءِ شام جي وقت هنن جي ڏسندي پنهنجي گھر جي ٻاهرين ڀت ۾ سوراخ ڪري ڇڏ ۽ انهيءَ مان سامان ڪڍي ٻاهر رک. سج لهڻ کان پوءِ هنن جي ڏسندي اهو سامان پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي وڃ. تون پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيءُ، انهيءَ لاءِ تہ تون اهو شهر نہ ڏسين جنهن مان تون نڪري رهيو آهين. پوءِ جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو روانا ٿيندا آهن تيئن ئي تون شهر مان نڪري وڃ. اهڙيءَ طرح تون جيڪي ڪجھہ ڪندين، سو بني اسرائيل لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.“