Ezekiel 12:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ مون ائين ئي ڪيو، جيئن مون کي حڪم مليو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي، ۽ شام جي وقت مون پنهنجي هٿ سان ڀت کي کوٽي ٽُنگ ڪيو؛ ۽ اونداهي ۾ انهي مان سامان ڪڍيم ۽ هنن جي ڏسندي اُهو پنهنجي ڪلهي تي رکي کڻي ويس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو هو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن ڪو جلاوطنيءَ وقت ڪڍندو آهي. شام جي وقت مون پنهنجي هٿن سان ڀت ۾ سوراخ ڪڍي انهيءَ مان سامان ٻاهر کڻي رکيم ۽ سج لهڻ کان پوءِ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اهو پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي ويس.