Ezekiel 13:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اوهان جَوَن جي مٺين لاءِ، ۽ ماني جي ٽڪرن لاءِ، منهنجي قوم ۾ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ انهن کي ماريو، جي مرڻ جا لائق ناهن؛ ۽ اُهي بچايو جي بچائڻ جا لائق نہ آهن: ۽ منهنجي قوم، جا ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿي، تنهن کي ڪوڙ ٻڌائڻ سان اوهين ائين ڪريو ٿيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.