Ezekiel 13:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي آدمزاد، اسرائيل جا نبي جي نبوت پيا ڪن، تن جي برخلاف تون نبوت ڪر، ۽ جيڪي پنهنجي دل مان ٺاهي نبوت ٿا تن کي چئُہ، تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي حزقي‌ايل! آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي نبي سڏائيندڙن خلاف منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ. هائو، انهن جي خلاف اڳڪٿي ڪر، جيڪي پنهنجي دل مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿا ڪن. کين چئُہ تہ اهي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌن.