Ezekiel 14:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اهو حال ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجون چار آفتون يروشلم تي موڪليندس، يعني ترار، ۽ ڏڪار، ۽ نقصان ڪندڙ جانور، ۽ مري، انهي لاءِ تہ انهن مان انسان ۽ حيوان کي وڍي ڇڏيان؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!