Ezekiel 14:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي هوندي بہ ڏس، انهي ۾ ڪي باقي بچندا، يعني پٽ توڙي ڌيئون، جي ٻاهر ڪڍيا ويندا: ڏس، اُهي اوهان وٽ ايندا، ۽ اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ جيڪا خرابي مون يروشلم تي آندي آهي تنهن جي نسبت ۾، ۽ ٻيو جيڪي بہ مون انهي تي آندو آهي تنهن سڀ جي نسبت ۾، اوهان کي تسلي ملندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ هوندي بہ يروشلم جي رهاڪن مان ڪي باقي بچندا، جيڪي پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اوهان وٽ ايندا. اي حزقيايل! جڏهن توهين انهن جي چال چلت ۽ بڇڙا ڪم ڏسندا تڏهن ڄاڻي وٺندا تہ مون يروشلم تي اهي آفتون ۽ مصيبتون نازل ڪري ڪيڏو نہ صحيح ڪم ڪيو آهي.