Ezekiel 16:37 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڏس آءٌ تنهنجا اُهي سڀ سينڌ گڏ ڪندس، جن سان تو مزا پئي ماڻيا آهن، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي؛ انهن کي هر طرف کان آءٌ تنهنجي برخلاف گڏ ڪندس، ۽ هنن جي اڳيان تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس، تہ ڀلي اُهي تنهنجي اوگهڙ ڏسن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏس، انهيءَ جي بدلي آءٌ تنهنجا اهي سڀ يار جن تو سان مزا پئي ماڻيا، هائو، اهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي ۽ اهي سڀ بہ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي، سي آڻي گڏ ڪندس. آءٌ انهن کي هر طرف کان آڻي تنهنجي خلاف گڏ ڪندس. هنن جي اڳيان آءٌ تنهنجي اوگھڙ ظاهر ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ ڀلي تہ اهي تو کي پوريءَ طرح اگھاڙو ڏسن.