Ezekiel 16:53 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ وري هنن جا قيدي بحال ڪندس، يعني سدوم ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ سامريا ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ انهن جي وچ ۾ تنهنجا قيدي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آسپاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آسپاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ.