Ezekiel 16:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ.