Ezekiel 17:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻيلي جا سڀ وڻ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. آءٌ ئي آهيان جيڪو بلند وڻن کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏيان ۽ ننڍن وڻن کي وڌائي وڏو ٿو ڪريان. آءٌ ئي آهيان جيڪو سائي وڻ کي سڪائي ٿو ڇڏيان ۽ سڪل وڻ کي سائو ڪري ٿو ڇڏيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي، ۽ اهو سڀ ڪجھہ آءٌ ئي ڪري ڏيکاريندس.“