Ezekiel 17:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تون چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اهو ڪو وڌندو ڇا؟ ۽ هو انهي جون پاڙون پٽي ۽ انهي جو ڦر وڍي نہ ڇڏيندا ڇا، تہ اهو ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا تازا نڪرندڙ پن سُڪي سڙي وڃن؟ ۽ پاڙن کان وٺي انهي کي پَٽي ڪڍڻ لاءِ وڏي زور يا گهڻن ماڻهن جي ضرورت نہ ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي اي حزقي‌ايل! مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون سمجھين ٿو تہ اها انگورن جي ول سرسبز رهندي؟ ڇا پهريون عقاب انهيءَ جون پاڙون پٽي ۽ انهيءَ جو ميوو وڍي نہ اڇلائيندو؟ اهو عقاب انهيءَ لاءِ ائين ڪندو تہ جيئن اها ول ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا سڀيئي تازا نڪرندڙ پن سڪي سڙي وڃن. انهيءَ کي پاڙن کان پٽي ڪڍڻ لاءِ وڏيءَ طاقت يا گھڻن ماڻهن جي ضرورت نہ پوندي.