Ezekiel 18:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪڏهن ڪو سچار پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ جيڪي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم شرير ماڻهو ڪندو آهي، اُهي ڪري ٿو، تڏهن ڪو هو جيئرو رهندو ڇا؟ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن، تن مان ڪوبہ ياد نہ رهندو: جيڪا بدڪاري ڪئي اٿس ۽ جيڪو گناهہ ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ئي هو مرندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.