Ezekiel 20:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.