Ezekiel 20:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.