Ezekiel 20:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بلڪ اڄ ڏينهن تائين اوهين بتن تي پنهنجا نذرانا پيش ڪندي ۽ پنهنجي ٻارن کي باهہ ۾ قربان ڪندي انهن ئي بتن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪندا رهيا آهيو. تڏهن بہ اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين وري بہ مون کان پڇڻ لاءِ ڇو هلي آيا آهيو؟ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘“