Ezekiel 20:32 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪي بہ اوهان جي دل ۾ ٿو اچي سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو؛ جو اوهين چئو ٿا تہ اسين بہ قومن جهڙا ۽ ملڪن جي قبيلن جهڙا ٿينداسين، ۽ ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪو خيال اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو. اوهين سوچو ٿا تہ ’اسين بہ غير قومن ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ قبيلن جي ريتن رسمن تي هلي ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.‘ پر ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.