Ezekiel 20:40 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي پاڪ جبل ۾، يعني اسرائيل جي وڏائيءَ واري جبل ۾، اسرائيل جو گهراڻو، ۽ سڀ ماڻهو، اُٿي انهي ملڪ ۾ منهنجي عبادت ڪندا: ۽ اُتي آءٌ هنن کي قبول ڪندس، ۽ اُتي آءٌ اوهان جون قربانيون ۽ اوهانجن نذرانن جا پهريان ڦر، اوهان جي سڀني پاڪ شين سميت گهري وٺندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن هر ڪو بني اسرائيل سندس ملڪ ۾ يروشلم شهر جي مٿاهين جاءِ يعني منهنجي پاڪ جبل تي مون خداوند خدا جي بندگي ڪندو. اتي آءٌ اوهان سان راضي هوندس ۽ اوهان منهنجي قائدن قانونن موجب مون لاءِ مخصوص قربانيون ۽ بهترين نذرانا پيش ڪندا جيڪي آءٌ قبول ڪندس.