Ezekiel 20:41 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن آءٌ اوهان کي غير قومن مان ڪڍي وطن آڻيندس ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ خوشبوءِ واريون قربانيون قبول ڪندس ۽ اوهان سان راضي ٿيندس. پوءِ ڌرتيءَ جي هر قوم ڏسندي تہ آءٌ ڪيڏو نہ پاڪ ۽ عظيم آهيان.