Ezekiel 20:47 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏکڻ واري ٻيلي کي چئُہ، تہ خداوند جو ڪلام ٻڌ؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تو ۾ باهہ ٻاريندس ۽ اُها تو ۾ جيڪو سائو وڻ توڙي سُڪو وڻ آهي، سو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ٻرندڙ شعلو ڪين اُجهامندو، ۽ انهي سان ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀ منهن سڙي ويندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏکڻ واري ٻيلي کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، آءٌ تو منجھہ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جيڪا تنهنجي سڪن توڙي ساون وڻن کي بہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. ڪوبہ انهيءَ کي وسائي ڪونہ سگھندو ۽ ڏکڻ کان اتر تائين هر انسان جو منهن انهيءَ باهہ سان لهسجي ويندو.