Ezekiel 21:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي آدمزاد، تون ٻہ رستا مقرر ڪر تہ بابل جي بادشاهہ جي ترار اچي. اُهي ٻئي هڪڙي زمين مان نڪري ايندا: ۽ هڪڙي جاءِ نشان ڪري ڪڍ، انهي جو شهر ڏانهن وڃڻ جي رستي جي چوٽيءَ تي نشان ڪر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هڪڙو نقشو ٺاهہ جنهن ۾ بابل جي بادشاهہ جو تلوار سميت ٻاهر نڪرڻ جو رستو نشان طور ڏيکار. پر اڳتي هلي انهيءَ مان ٻن رستن جي نڪرڻ جو نشان ڏيکار. هڪڙو رستو هڪڙي شهر ڏانهن وڃي ۽ ٻيو رستو ٻئي شهر ڏانهن وڃي. انهن شهرن جي نالن جون تختيون لڳل بہ ڏيکار.