Ezekiel 21:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان پنهنجو گناهہ ياد ڪرايو آهي، جو اوهان جا ڏوهہ ظاهر ٿيا آهن، جنهن جي ڪري اوهانجن سڀني ڪمن ۾ اوهان جا گناهہ ڏسڻ ۾ پيا اچن، اوهين ياد پيا آهيو، تنهنڪري اوهين هٿ سان گرفتار ڪيا ويندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي حزقيايل! تون يروشلم جي ماڻهن ۽ سندن اڳواڻن جي خلاف مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان جي بدڪاري ثابت ٿي آهي ۽ اوهان جي خطاڪاري ظاهر ٿي پيئي آهي. ايتري قدر جو اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا سا بدڪاري آهي ۽ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهين ڪيڏا نہ گنهگار آهيو. هائو، اوهين ڏوهاري آهيو، تنهنڪري اوهان کي قيدي بڻائي دشمنن جي حوالي ڪيو ويندو.