Ezekiel 21:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ تون اي آدمزاد، نبوت ڪر، تہ خداوند خدا بني عمون جي نسبت ۽ سندن خواريءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي؛ ۽ تون چئُہ تہ هڪڙي ترار ڪڍي ويئي آهي، ڪوس لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها وڄ وانگر ناس ڪري:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.