Ezekiel 21:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“