Ezekiel 23:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو هٿيارن، گاڏين، ۽ گاڏن، ۽ ماڻهن جي هڪڙي ميڙ سان توتي چڙهي ايندا؛ هو ڍال، ۽ سپر، ۽ جنگي توپ سان چوڌاري توتي سنبري ايندا: ۽ آءٌ عدالت جو ڪم هنن جي ذمي ڪندس، ۽ هو پنهنجن فيصلن موجب توتي فتويٰ جاري ڪندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي جنگي گھوڙي گاڏين ۽ هٿيارن سان ڀريل گاڏين سان هڪڙو وڏو لشڪر وٺي اتر کان تو تي حملو ڪرڻ ايندا. اهي ڍال ۽ سپر سوڌو جنگي ٽوپ پايو تنهنجو اچي گھيرو ڪندا. آءٌ تو کي هنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس جيڪي تو کي پنهنجي پنهنجي قانونن موجب سزا ڏيندا.