Ezekiel 23:38 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانسواءِ هنن هي بہ مون سان ڪيو آهي: انهي ساڳي ڏينهن هنن منهنجو پاڪ مڪان پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي اٿن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بي‌حرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟