Ezekiel 24:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.