Ezekiel 26:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين!
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آسپاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.