Ezekiel 26:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ٻيٽ واري شهر صور جي ماڻهن يروشلم جي شڪست تي خوشي ملهائيندي ڳايو آهي تہ ’واہ واہ! يروشلم کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي! جيڪو قومن جي واپار جو مرڪز هو، سو ويران ٿي ويو آهي. هاڻي اسان جو شهر صور وڌي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڳتي اُنهيءَ شهر جا واپاري اسان ڏانهن ايندا.‘