Ezekiel 26:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن جيڪي ماڻهو کڏ ۾ هيٺ لهي قديم وقت جي ماڻهن وٽ وڃن ٿا، انهن وٽ توکي هيٺ لاهي آڻيندس، ۽ توکي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، قديم وقت کان ويران جاين ۾، انهن سان گڏ رهائيندس جي پاتال ۾ وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ تون وري آباد نہ ٿين، ۽ نہ وري آءٌ توکي جيئرن جي زمين ۾ جلال وارو ڪندس:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.