Ezekiel 26:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ صور تي، اُتر کان بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، جو شهنشاهہ آهي، تنهن کي گهوڙن سان، ۽ گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ هڪڙي لشڪر ۽ گهڻن ماڻهن سان آڻيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ خداوند خدا صور شهر کي وڌيڪ چوان ٿو تہ ’ياد رک، آءٌ اهو شهنشاهہ، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، اتر طرفان تو تي چاڙهي آڻيندس. سندس لشڪر ۾ گھوڙا، جنگي گھوڙي گاڏيون، گھوڙي سوار، ۽ تمام گھڻا جنگي جوڌا هوندا.